جده -10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته ننڍي عمر وارا ماڻهو هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا، تنهن هو??دي به انهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئ?? گهرجي. سعودي اخبار مطابق حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني عمره ڪمپنين ۽ ادارن کي چيو ويو آهي ته هو نئين عمره سيزن دوران پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي حوالي سان مقرره قاعدن ۽ ضابطن جي پاب??دي جاري رکن. وزارت چيو ته پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئ?? گهرجي. وزارت چيو ته عمره ڪمپنيون ۽ ادارا پرڏيهي زائرين لاءِ عمره پيڪيج جي دائري ۾ گهربل سهولتن جو انتظام ڪن. عمره ويزي جي جاري ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ٽرانسپورٽ، انشورنس ۽ بن??ادي خدمتن جي بڪنگ ضروري آهي. عمره پئڪيج جو وق?? ملڪ اندر عمره زائرين جي قيام جي حقيقي عرصي مطابق هئ?? گهرجي، مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ کان 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهجي ٿو. عمره سيزن جي پڄاڻي جي حوالي سان انتهائي حد 29 ذوالقعد 1445هه هوندي.
ننڍي عمر وارا هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا: سعودي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل