اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) 31 جولاءِ تي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي ڪائونسل (سي ايف ايم) جو هڪ غير معمولي ۽ ورچوئل اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سوئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ ان جي مقدس ورقن کي ساڙڻ وارن واقعن تي غور ويچار ڪيو ويندو. اهو اجلاس سعودي عرب ۽ جمهوريه عراق جي درخواست تي ??ڏا??و ويو آهي. او آءِ سي ج?? پرڏيهي وزيرن جو اهو هنگامي اجلاس هلندڙ سال 2 جولاءِ تي جده ۾ او آءِ سي ج?? جن??ل سيڪريٽريٽ ۾ منعقد هڪ غير معمولي اجلاس بعد او آءِ سي ج?? ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي جاري ڪيل حتمي بيان جي ج??اب ۾ ??ڏا??و ويو آهي. بيان ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي مقدس ورقن کي باهه ڏيڻ تي ڌيان ڇِڪائڻ ۽ ض??ور?? پوڻ تي اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ