گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)پاڪستان چيو آ??ي ته عالمي ترقياتي فنانسنگ جي ذريعن کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن لاءِ پهرين موجود قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري ڇاڪاڻ ته بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آ??ي. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سماجي، انساني ۽ ثقافتي معاملن بابت جنرل اسيمبلي کي ٿرڊ ڪميٽي ۾ گڏ??ل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرينڊي سان انٽرايڪٽو بحث دوران ڪي?? ته عالمي مالياتي ادارن طرفان فراهم ڪيل ڪيل رعايتي قرضن بدران عطيو ڏيندڙن کي پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن کي وقت سر، متوقع، ڊگهي مدي ۽ شعبي جي لحاظ کان فنڊز فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چي?? ته مئي 2023ع تائين سڄي دنيا ۾ 110 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو جيڪو يو اين ايڇ سي آر جي تاريخ ۾ جبري لڏپلاڻ ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو هڪ سال جو اضافو آ??ي جيڪو خوني تڪرارن سبب ٿيو. سندس چوڻ ه?? ته پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو پيو ??ڃي?? ٽرپل بحرانن ڪورونا وائرس جي وبا، ماحولياتي تبديلي ۽ تڪرارن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو، عثمان جدون چي?? ته موجوده پيچيده ۽ گهڻ رخي چئلينجن ۾ تحفظ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ پناهگيرن بابت عالمي معاهدي سميت سمورن عالمي واعدن تي عملدرآمد ذريعي پائيدار حل ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان پنهنجي مالي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن باوجود 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ بي مثال سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ۽ تحفظ ۽ سهولت جي اعليٰ ترين معيارن تي عمل ڪري رهيو آ??ي، هن چي?? ته پاڪستان 1.4 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ تقريبن 9 لک افغان سٽيزن شپ ڪارڊ هولڊرز جي ميزباني ڪئي، پاڪستان کين پنهنجي شهرين جي برابر صحت، تعليم ۽ سهولتون فراهم ڪري ٿو، انهن پناهگيرن کي سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ مفت داخلا ۽ اسڪالرشپ سان گڏ??گڏ اعليٰ ۽ پيشيوراڻي تعليم تائين پهچ سان گڏ??گڏ روزگار جا ڪافي موقعا ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي اجازت به حاصل آهي. هن چي?? ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ پناهگيرن جي مدد لاءِ وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت اهي ۽ انهن قدمن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي مالي مدد وڌائڻ لاءِ نون حصيدارن، رياستن ۽ ادارن تائين پهچ حاصل ٿئي. هن جو چوڻ ه?? ته اهو ڏسندي ته اسرندڙ ملڪ محدود وسيلن سان 85 سيڪڙو پناهگيرن جي ميزباني ڪن ٿا، اهو بار وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو آ??ي ان لاءِ يو اين ايڇ سي آر کي پنهنجي عالمي آپريشنز پاليسي جوڙيندي پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن جي مقامي ضرورتن لاءِ حساسيت جو احساس هجڻ گهرجي. پاڪستاني سفير چي?? ته تجربي ثابت ڪيو آ??ي ته پناهگيرن جي ڊگهي صورتحال لاءِ رضاڪاراڻو وطن واپسي ۽ اصل ملڪن ۾ ٻيهر ضم ٿيڻ واحد پائيدار حل آهي. هن پناهگيرن جي پنهنجي وطن واپسي لاءِ مڪمل فنڊڊ پروگرامن جو مطالبو ڪندي چي?? ته اصل ملڪن لاءِ سرڪاري ترقياتي امداد (او ڊي اي) ۾ اضافو ڪن ته جيئن هو واپس ايندڙن جي مدد ڪري سگهن، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پابنديون ختم ڪيون وڃن جيئن افغانستان جي معاملي ۾ آهي.
عالمي ترقياتي فنانسنگ کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پناهگيرن جي ميزبان ملڪن جي قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria