قاهره-05 جنوري (اي پي پي) عرب پارليامينٽ فلسطينين کي غزه مان جبري طور تي بي دخل ڪرڻ جي هر تجويز کي رد ڪندي ان جي مذمت ڪئي آهي. عرب پارليامينٽ گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 1967 ??ي اليمي جو منظر نامو ورجائڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي. غزه فلسطيني سر زمين آهي ۽ مڪمل خودمختيار رياست جو نه ٽٽندڙ حصو آهي ۽ رهندو. عرب پارليامينٽ زور ڀريو آهي ته قابض اسرائيلي حڪومت جي ڪيترن ئي انتهاپسند وزيرن جا نسل پرستي وارا بيان انهن جي وحشياڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري رهيا آهن ۽ ان قسم جي ب??انن سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. اهڙا بيان عالمي انساني قانون ۽ عالمي قانوني ٺهرائن جي کليل خلاف ورزي آهن. عرب پارليامينٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي فلسطيني عوام خلاف اجتماعي نسل ڪشي جي جنگ بند ڪرائن ۽ انهن جبري ب?? دخلي وارين اسڪيمن کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن. واضع رهي ته ڪيترن ئي اسرائيلي وزيرن چيو آهي ته غزه مان فلسطينين کي ب?? دخل ڪيو وڃي، غزه پٽي تي ٻيهر قبضو ڪيو وڃي ۽ اتي يهود?? وسنديون آباد ڪيون وڃن.
غزه فلسطيني رياست جو حصو آهي: عرب پارليامينٽ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج