اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيئر پا??ستاني سفارتڪار منير اڪرم يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻُڌايو آهي ته پا??ستان چئلينجز باوجود پوليو جي مڪمل خاتمي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پوليو جي خاتمي بابت بورڊ جي خصوصي اجلاس دوران چ??و ته اسان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي لاءِ مقرر وقت اندر پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون. ان حوالي سان تبصرو ڪندي پا??ستاني سفير نشاندهي ڪئي ته 2022ع ۾ پا??ستان ۾ ٻوڏ پوليو ويڪسينيشن مهم کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو هو. هن وڌيڪ چ??و ته حڪومت ۽ عالمي شراڪتدارن جي ٺوس ڪوششن سبب گذيل سال پوليو جا صرف 6 ڪيس سامهون آيا. هن ٻُڌا??و ته هلندڙ سال پا??ستاني حڪومت 45 ملين ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳ ئي ان مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پا??ستاني سفير چ??و ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون. هن چ??و ته ان حوالي سان پا??ستان کي پنهنجن سمورن لاڳاپيل عالمي شراڪتدارن سان فني ۽ مالي تعاون جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چ??و ته 24ع ۾ پوليو پروگرامن لاءِ 205 ملين ڊالر گهربل هئا ۽ 95 ملين ڊالر جي کوٽ هئي. سفير منير اڪرم سمورن عطيو ڏيندڙ شراڪتدارن تي زور ڀر??و ته هو پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ان ڳالهه کي ي??يني بڻائين ته ٻارن کي قطرا پيئارين. هن نمائندن کي ٻُڌا??و ته اسان پوليو خلاف جنگ ۾ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ 2026ع تائين پوليو جي خاتمي لاءِ فوري ۽ جرئتمنداڻي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ يونيسيف جي سرگرمين جو جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي پاليسين، ملڪي پروگرام ۽ بجيٽ جي منظوري ڏئي ٿو. هي بورڊ 26 ميمبرن تي ٻَڌل آهي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي 5 علائقائي گروپن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ڪم بيورو ذريعي مربوط آهي، جنهن ۾ صدر ۽ چار نائب صدر شامل آهن ۽ هر هڪ آفسر 5 علائقائي گروپن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
پاڪستان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي بابت اهم اڳڀرائيءَ لاءِ پُرعزم آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania