بيجنگ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيھي وزير وانگ اي چيو آھي ته عالمي برادري کي وچ ا??ڀر ۾ ڊگھي ۽ وڌيل تڪرار تي سخت ڳڻتي آھي. پھرين ترجيح غزه ۾ فوري ??ور تي ھڪ جامع ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ، ٻيو سمورن قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ ٽيون غزه تائين بنا رڪاوٽ انساني پھچ کي يقيني بڻائڻ آھي. ملڪ يا قوم جي ھڪ نظر سان سموريون جانيون قيمتي آھن ۽ غزه ۾ انساني تباھي جاري نه رھڻ گھرجي. سومر ڏينھن پرڏيھي ميڊيا موجب وانگ اي نئين اسرائيلي پرڏيھي وزير اسرائيل ??اٽ?? سان ٽيليفون تي ڳالھه ٻولھه ڪئي. وانگ اي چيو ته غزه جو تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو ظاھر ڪري ٿو ته فلسطين جو مسئلو وچ ا??ڀر جي مسئلي جو مرڪز بڻيل آھي. عالمي برادري ??و آواز واضح آھي، مطلب ھو جلد کا?? جلد ”ٻه رياستي حل“ جي رستي تان واپس اچڻ جي اميد رکي ٿي. اھو اسرائيل سميت سمورين ڌرين لاءِ استحڪام ۽ ديرپا سلامتي حاصل ڪرڻ جو صحيح رستو آھي. وانگ اي چيو ته چين کي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار تي سخت ڳڻتي آھي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته سموريون ڌريون احتياط کان ڪم وٺن.
چين پاران اسرئيل-ايران جاري تڪرار تي سخت ڳڻتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد