اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن آل پارٽيز حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وفد سان مظفرآباد ۾ ملاقات ??وران چئي، ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار محمد مسعود خان ۽ وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پڻ موجود هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي وفد سان ملاقات ??ي موقعي تي صدر ممنون حسين عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشمير بابت ريفرنڊم جي حوالي سان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ عورتن ۽ ??ار?? سميت معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظل??ن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو فوري خاتمو ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون