اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي ??ان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاه??ان صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو اليڪشن ڪميشن پا??ان نوٽيفڪيشن جاري ڪ??ڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پا??ان 11 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃي ٿو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل ميمبر اسيمبلي جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي ??ان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores