گڏيل ??ومون-19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل ??لسطين تڪرار تي جنگ بندي بابت گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ??رارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن قرارداد جنهن ۾ لکين فلسطيني شهرين کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو هو، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ برازيل طرفان پيش ڪيل ??رارداد ۾ شهرين خلاف هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪئي وئي هئي، جنهن جي حمايت ۾ 12 ووٽ پيا جڏهن ته آمريڪا هن قرارداد جي مخالفت ۾ ويٽو جو حق استعمال ڪيو. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ووٽنگ کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو ته پاڪستان فوري جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو، هي اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارتن غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهين لاءِ طلب ڪيو، پاڪستاني نمائندي ووٽنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته برازيل طرفان پيش ڪيل ??رارداد تي ووٽنگ ۾ بهتري جي ضرورت هئي پر سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل نمائندي طرفان قرارداد ويٽو ٿيڻ سبب منظور نه ٿيڻ اسان جي لاءِ حيرانگي جو سبب آهي. هن چيو ته غزه جي شهرين تي مسلسل ب??باري کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ تعاون ڪندڙ ملڪ ان جا ذميوار آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سلامتي ڪائونسل هڪ ڏينهن اڳ روس طرفان پيش ڪيل ??رارداد ۽ اڄ برازيل جي قرارداد ۾ روسي ترميم سبب جنگ بندي جي قرارداد کي منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، هن چيو ته غزه تي اسرائيل طرفان مسلسل ۽ تباهي آڻيندڙ حملن کي 11 ڏينهن ٿي ويا آهن، پورو غزه فوجي گهيري ۾ آهي ۽ اتي بجلي، پاڻي ۽ انساني امداد جي فراهمي ڪٽي وئي آهي. غزه جي پوري آبادي جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شهري شامل آهن کي انڌا ??نڌ اسرائيلي حملن جي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۽ فوجي گهيري شهرين جي شهادتن ۽ پهرين کان والاريل ۽ تباهه حا?? ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته جنگ جي قانونن ۽ عالمي انساني قانون، خاص طور تي جنيوا ڪنوينشنز جو سختي سان مشاهدو ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي گذريل ڏينهن غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيل طرفان ڪيل بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿيا جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، هن چيو ته عالمي قانون تحت ڄاڻي واڻي ڪيل ظلم ۽ اسپتال تي حملو واضح طور تي جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف آهن. هن چيو ته ذميوارن کي عالمي تحقيقات ۽ احتسابي عمل ذريعي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. هن سلامتي ڪائونسل جي مفلوج هجڻ جي باوجود اميد ظاهر ڪئي ته جنرل اسيمبلي ۽ گڏيل ??ومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ گڏيل ??ومن جا ادارا تڪرار کي روڪڻ، غزه جي فلسطيني آبادي جي لڏپلاڻ روڪڻ، فلسطيني شهرين لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ انساني همدردي جي راهدارين کي کولڻ لاءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حق خوداراديت ۽ قومي آزادي لاءِ غير ملڪي قبضي تحت ماڻهن جي جدوجهد عالمي قانونن تحت جائز آهي ۽ کين پنهنجي آزادي جي حاصلات لاءِ ان جدوجهد ۾ سمورا امڪاني وسيلا استعمال ڪرڻ جو حق آهي، هي ان جدوجهد کي دٻائڻ گهرن ٿا جيڪو غير قانوني آهي، گڏيل ??ومن جي چارٽر تحت رياستن کي پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت تي حملن خلاف پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته اسرائيل ??لسطين ڊگهي تڪرار تمام گهڻيون جانيون ورتيون آهن ۽ پوري خطي جي استحڪام کي مسلسل خطري ۾ وجهي رهيو آهي، هن چيو ته اسرائيل ??لسطين تڪرار جو حتمي حل 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، قابل عمل ، آزاد ۽ خودمختيار رياست فسلطيني رياست جي قيام ۾ لڪيل آهي جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي.
پاڪستان جو جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری