انقره ، تهران _3 ڊسمبر (اي پي پي ) ترڪيه ۽ ايران شا?? جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ شا?? کي دهشتگردي جو ڳڙهه بڻجڻ نه ڏينداسين . پرڏيهي ميڊيا مطابق شا?? کان پنهنجي فوري دور?? تي ترڪيه پهچڻ بعد ايران جي پرڏيهي وزي?? عباس عراقچي پنهنجي ترڪيه جي هم منصب هاڪان فيدان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيف ايراني سفارتڪار ايران ۽ شا?? وچ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شا?? کي دهشتگرد گروپ جو ڳڙهه بڻجڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي. هن شا?? ۾ دهشتگرد تنظيمن تي اسرائيل ۽ آمريڪا سان سهڪار حاصل ڪرڻ جو الزام لڳايو پر سندس ترڪيه جي هم منصب اهو الزام رد ڪري ڇڏيو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته شا?? جي خطرناڪ صورتحال خطي جي سمورن ملڪن کي متاثر ڪندي. هن نشاندهي ڪئي ته آستانه معاهدي جي حوالي سان ترڪيه ۽ ايران جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي . هن شا?? بابت علائقائي مشوري جي اهميت تي زور ڏيندي شا?? جي حڪومت ۽ ان جي فوج جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
شام کي دهشتگردي جو ڳڙهه نه بڻجڻ ڏينداسين: ايران – ترڪيه جو اتفاق
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش