اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان، ڀارت جي مخالفاڻي ۽ غيرذميواراڻي رويي جي باوجود سنڌ طاس معاهدي جي معاملي تي ذميوار رياست هجڻ جو مظ??هر?? ڪري رهيو آهي. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ۾ پاڻي تحفظ جي چئلينج تي مشاورتي ورڪشاپ کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چ??و ته حڪومت سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان درپيش چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. هن چ??و ته ڀارت ان معاهدي تي شايد ڪنهن غلط فهمي جو شڪار آهي، ان معاهدي جي خلاف ورزي تي ڀارت کي پاڻ نقصان ٿيندو. هن چ??و ته ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان هر قسم جي صلاحيت رکي ٿو، ڀارت کي به گهرجي ته ان اهم معاملي تي سياست بدران ڳالهين جو حصو بڻجي.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم