اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صاحبزادي مريم نواز شريف چيو آهي ته وويمن پارلياماني ڪاڪس عورتن کي بااختيار بڻ??ئڻ ۽ ان جي ڪاز کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وي??ن پارلياماني ڪاڪس جي اهتما?? هيٺ ٽن ڏينن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم نواز شريف چيو ته پارليامينٽرين جي حيثيت سان عورتون معاشرن ۾ تبديلي جي نمائنده ثابت ٿي سگهن ٿيون، هو ايندڙ دور ۾ جمهوريت جي نئين سر تعريف ۽ سماجي انصاف کي يقيني بڻ??ئي سگهن ٿيون. هن پارليامينٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي هم عصر عورتن جي حوصلا افزائي ڪري انهن جي لاءِ خوشي جو ڪرڻو بڻ??ن. هن چيو ته هي ضروري نه آهي ته هڪ ??ورت جي ڪاميابي ۾ مرد جو هٿ هجي پر عورتون به عورتن جي ڪاميابي جو سبب ٿي سگهن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا