ٽوڪيو -23 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير غزه پٽي ۾ بگڙجن??ڙ انساني صورتحال کي روڪڻ جي ارادي سان عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. جاپان جي خابرو اداري مطابق مصر جي ميزباني ۾ ٿيندڙ قاهره امن ڪانفرنس ۾ جاپان جي پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن لا??ِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي ته غزه ۾ عوام لا??ِ وڌ کان وڌ امدادي سامان پهچايو وڃي ۽ اتي موجود پرڏيهين کي مصر منتقل ڪيو وڃي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته غزه ۾ ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لا??ِ طاقت ۽ ح??مت کي گڏائين ۽ خطي ۾ جٽا??ار امن ۽ استحڪام لا??ِ صورتحال جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ لا??ِ ڪر??ار ادا ڪن. هن نشاندهي ڪئي ته جاپان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لا??ِ پنهنجي اڻٽٽ حمايت تي قائم آهي جنهن ۾ فلسطين جي آزاد رياست قائم ٿئي ۽ اسرائيل سان گڏيل بقا ۽ امن ۽ محفوظ طريقي سان رهي سگهي. هن غزه جي رهواسين لا??ِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جي هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي جاپان حڪومت جي منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو.
جاپان طرفان غزه جي رهواسين لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی