واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي اڱاري تي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني ??هي ته جيئن يوڪرين جي فوري ضرورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. العربيا اردو مطابق آمريڪي صدارتي ترجمان بيان ۾ چيو ??هي ته ٻئي صدر روسي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي فوري ضرورتن ۽ ان نازڪ لمحي ۾ آمريڪي حمايت جاري ر??ڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يوڪرين جي ايوان صدر بيان ۾ چيو ??هي ته ان ملاقات ۾ يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌيڪ دفاعي سهڪار، خاص طور تي هٿيارن ۽ فضائي دفاعي نظام جي تياري جي گڏيل منصوبن ذريعي ٻه طرفي سهڪار جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويندو. جوبائيڊن طر??ان پنهنجي يوڪريني هم منصب کي وائٽ هائوس جي دعوت اهڙي وقت ۾ ڏني وئي ??هي جڏهن اربع تي آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن اپوزيشن وائٽ هائوس طر??ان 106 بلين ڊالر ماليت جي هنگامي امدادي پيڪيج جي منظوري لاءِ پيش ڪيل درخواست کي روڪي ڇڏيو هو.
آمريڪي صدر جي يوڪرين هم منصب کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو