سيول- 31 جنوري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ مقرر آمريڪي فضائيه جو اي??- 16 ويڙهاڪ جهاز سامونڊي پٽي واري شهر سيو سان ويجهو سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ج??هن ته پائلٽ محفوظ رهيو. واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ مطابق ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ اهو ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فضائيه جي اي??- 16 ويڙهاڪ جهاز کي پيش آيل اهو ٻيو حادثو آهي. اهو واقعو ڏکڻ ڪوريا جي رياست جيون بڪ ۾ واقع ڪنسان ايئر بيس ويجهو پيش آيو.اختيارين حادثي جي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح ر??ي ته هن وقت ڏکڻ ڪوريا ۾ مقرر آمريڪي فضائيه جياٺين فائٽر ونگ ايف – 16 جي 02 اسڪواڊرن تي ٻڌل آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia