انق??ه-06مارچ(اي پي پي)ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيلي آبادڪار اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن. ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ جنگ بندي جي ڪوششن جي حوالي سان ڳالهين لاءِ ترڪيه جي دوري تي آيل فلسطيني هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسرائيلي آبادڪار آه?? جن فلسطينين جي زمينن تي قبضو ڪيو ۽ چوري ڪئي،هن رمضان المبارڪ دوران والاريل بيت المقدس ۾ م??جد الاقصيٰ تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رس??ئي جو مطالبو ڪيو،هن چيو ته بنياد پرست اسرائيلي سياستدانن پاران مسلمانن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ وارو مطالبو غلط آهي،ان قسم جي قدمن جا نتيجا سنگين نڪرندا،ان موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ اها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته انتها پسند آبادڪار م??جد القصي ويندا آهن ۽ اتي حملا ڪندا آهن.
اسرائيلي آبادڪار اسرائيل – فلسطين تڪرار جي حل ۾ وڏي رڪاوٽ آهن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال