واشنگٽن-25 آڪٽوبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب انڊيور نالي جهاز ذريعي زمين تي واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جي خلاباز ميٿ??و ڊومينڪ، مائيڪل بيراٽ، جينيٽ ايپس ۽ روسي خلاباز اليگزينڊر گريبينڪن شامل هئا. عالمي خلائي اسٽيشن تي پنهنجي 233 ڏينهن جي ترسڻ دوران خلابازن انساني صحت، مٽيريل سائنس ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ 200 کان وڌ??ڪ تجربا ڪيا جن جو مقصد مستقبل جي ڊگهي وقت جي خلائي مشنن لاءِ ضروري ڄاڻ کي اڳيان وڌائڻ ۽ زمين تي زندگيءَ کي فائدو پهچائڻ آهي. خاص طور تي هنن دماغي آرگنائيزڊ ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجهه تي ??ائ??رو گريوٽي جي اثرن جو مط??لعو ڪيو، جنهن سان ڳالهه کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ملي ته جاندار خلائي حالتن مط??بق ڪيئن سمائجي سگهن ٿا. سامونڊي طوفان ملٽن ۽ علائقي ۾ ٻين طوفانن سبب خراب موسمي حالتن سبب ابتدائي طور تي مشن کي واپسيءَ ۾ دير ٿي هئي.
ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ