اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آه?? ته حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي پيروي ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪري دنيا کي حق جي حفاظت لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آه??. وزيراعظم اها ڳالهه عاشوري جي ڏينهن، 10 محرم الحرام 1438 هه/2016ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنه??جي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم اسان کي ڪربلا جي ياد ڏياري ٿو، ڪربلا ۾ حق ۽ صداقت جو علم بلند رکڻ جي لاءِ امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي اطاعت ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪيو ۽ دنيا کي هي سبق ڏنو ته حريت هڪ بنيادي حق آه?? جيڪو دين اسلام جي تع??يم جي عين مطابق آه??، حق جي حفاظت ڪرڻ پنه??جي جان جي حفاظت ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري آه??. اهو ئي اهو پيغام آه?? جيڪو رسول صه جي ڏوهٽي جي شهادت مان اسان کي ملي ٿو، وزيراعظم چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ استقامت جو ڪو به مثال موجود نه آه??، امام عالي مقام جو هي پيغام پو??ي انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آه??.
امام حسين رضه حق لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کڑک