لاهور – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته نبي آخ??الزمان صه مسلمان امت کي اهڙو رستو ڏيکاريو جيڪو دنيا ۽ آخ??ت ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي، دنيا اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور آهي ته امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڻ صه جي نقش قدم تي هلندي ئي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي، ق??آن مجيد سا?? گڏوگڏ ميثاق مدينه ۽ خطبه حجته الوداع اهڙا بهترين دستاويز آهن جن کان رهنمائي وٺي سمورا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، گذريل سا??ن دوران ملڪ ۾ اسلام جي نالي تي فساد پکيڙيا ويا، هڪ ٻئي جا گلا ڪاٽيا ويا، حڪومت ٽن سا??ن جي ڪوششن سا?? فساد جو دروازو گهڻي حد تائين بند ڪري ڇڏيو، حڪومت قومي قيادت، عالم سڳورن، فو?? ۽ ??ين رياستي ادارن جي قربانين سا?? دهشتگردن جا مرڪز ختم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي اسان جي ڪوشش آهي ته انتهاپسندي جو دروازو به بند ٿي وڃي، اهو ڪم حڪومت سا?? گڏوگڏ عالم سڳورن ۽ اهل دانش کي ڪرڻو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”بين المذاهب هم آهنگي اسلامي تعليم ۽ اسوه رسول صه جي روشني ۾“ جي موضوع تي منعقد بين الاقوامي سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
نبي ڪريم صه مسلمان امت کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج