اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٻارن کي پاڪستان جو مستقبل ۽ معمار قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده ??ڪومت نئين نسل کي خاص طور تي معياري ۽ جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ کي خوبصورت، خوشحال ۽ مضبوط بڻائينداسين، ٻار معصوم ۽ اندر جا سچا هوندا آهن، قوم جا نونهال منهنجي جان آهن ۽ مون کي انهن تي فخر آهي انهن کي هر ??مڪ?? بهترين سه??لتن جي فراهمي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ وزيراعظم تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت اسلام آباد جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جي سه??لت جي حوالي سان نئين بسن جي فراهمي واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ مستقبل جا معمار آهن، ٻار انشاءَ الله پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا، اسان جيڪو ڪجهه پنهنجي ملڪ لاءِ ڪري رهيا آهيون ٻار ان کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ڪندا ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته هر اسڪول خوبصورت هجي اتي بهترين ماحول هجي ۽ ٻارن کي سموريون سه??لتون ??ستياب هجن.
حڪومت جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria