اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار وڌيڪ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن کي ٽيليفون ڪري ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي ڪم کي تو??يع ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن جي تازن حملن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي گهرج آهي ته هڪ ٺوس ۽ ڀرپور جواب ڏنو وڃي. فوجي عدالتن جي ڪم ۾ تو??يع جو فوري فيصلو ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جي لاءِ انتهائي اهميت وارو هوندو. هتي جاري پڌرائي موجب ناڻي و??ري و??ير اسحاق ڊار ڪالهه آچر ڏينهن ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ فاروق ستار، عوامي نيشنل پارٽي جي غلام احمد بلور، جماعت ا??لامي جي صاحبزاده طارق الله، فاٽا جي شاهه جي گل آفريدي ۽ عوامي مسلم ليگ جي شيخ رشيد احمد سميت ٻين اڳواڻن سان ٽيليف??ن تي رابطو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار