اسلام آباد – 11 مارچ (??ي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم رواداري جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو رويو ملڪ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي ??ور تي ڪير به بچي نه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خلاف ??وم جون ڪاميابيون به ناڪامي ۾ بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان تي ڏک جو اظهار ڪندي چئي. هن پن??نجي بيان ۾ چيو ته اڄ آئون انتهائي ڏکويل دل سان پن??نجي ??وم کي مخاطب آهيان. آئون محسوس ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رجحان شدت پڪڙي رهيو آهي، ??وم خاص ??ور تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردار نه ڪيو ويو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تعاون نه ڪيو ته ان جا نتيجا انتهائي خوفناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر