اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ڪموڊور احمد فوزان کي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ريئر ايڊمرل احمد فوزان 1986ع ۾ پاڪ بحريه جي ويپن انجنيئرنگ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران ه?? پاڪ بحريه جي ڪيترن ئي اسٽاف ۽ ڪمانڊ عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب سندس اهم اسٽاف عهدن ۾ جنرل مئنيجر ميري ٽائيم ٽيڪنالاجيز ڪمپليڪس (نارٿ)، ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي فليٽ ويپن انجنيئرنگ آفيسر، جنرل مئنيجر (سپورٽ اينڊ سروسز) پي اين ڊاڪيارڊ ۽ نيول هيڊ??وا??ٽرز ۾ ڊائريڪٽر نيول ويپن اينڊ ايڪويپمينٽ ۽ اسسٽنٽ چيف نيول اسٽاف (ٽيڪنيڪل) جا عهدا شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس