اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته تبديلي جي لاءِ اسان کي نوآبادياتي ذهنيت کان ٻاهر نڪرڻ ۽ مالڪ ۽ نوڪر طرف حڪمراني تبديل ڪرڻي پوندي، قوم کي قرضن جي ڪلاسيڪي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ سياستدانن، بيورو??ري??ي ۽ عوام کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو، دنيا ۾ ڪا شيءِ ناممڪن نه آه??، تبديلي ان وقت ايندي جڏهن اسان کي عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ٿيل هڪ هڪ روپئي جي خرچ جو احساس هجي. وزيراعظم آفيس ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ پاڪستان کي جيترا چئلينج درپيش آه?? ماضي ۾ انهن جو مثال نٿو ملي، 10 سالن ۾ قرضن جو ماپو 6 ٽريلين مان وڌي 30 ٽريلين روپين تائين پهچي چڪو آه??، پاڪستان صرف وياج جي مد ۾ روزانو 6 ارب روپيا ڏئي رهيو آه?? جنهن جي نتيجي ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين ضروري ملڪي معاملن جي لاءِ وس??لن جي فراهمي جا مسئلا سامهون ايندا آه?? تنهن هوندي به ان مان نڪرڻ جا رستا موجود آه??.
تبديلي جي لاءِ اسان کي نوآبادياتي ذهنيت کان ٻاهر نڪرڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II