ولنيئس -12 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن سوئيڊن جي نيٽو ۾ شموليت جي مخالفت ختم ڪرڻ تي پنهنجي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيو آهي ۽ ان جي همت ۽ دليراڻي قيادت جي تعريف ڪئ?? آهي ۽ سندس ان فيصلي کي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سعودي خابرو اد??ري مطابق هن لٿوانيا جي گادي و??ري هنڌ ولنيئس ۾ نيٽو جي ٻن ڏينهن و??ري سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر اردگان سان ملاقات دوران چيو ته مان اوهان جي سفارتڪ??ري ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اوهان جي همت ۽ حوصلي تي توهان جو شڪرو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. فرانسيسي خابرو اد??ري مطابق آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ??ئي ته ترڪ صدر جي ان فيصلي کان پوءِ آمريڪا طرفان ترڪيه کي ايف16 ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي وارا قدم تيز ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته اولهه گادي و??ري هنڌ ترڪ صدر طرفان سوئيڊن جي ميمبر شپ جي راهه م رڪاوٽ وجهڻ تي مايوسي ۾ اضافو ٿي رهيو هو. سوئيڊن جي اتحاد ۾ شموليت جي ڪوشش کي مڪمل ٿيڻ لاءِ نيٽو جي ميمبرن جي گڏيل منظوري گهربل هئي. سوئيڊن گذريل سال يوڪرين تي روس جي فوج جي حملي جواب ۾ فن ??ين?? سان گڏ ملي نيٽو جي ميمبرشپ لاءِ ڪوشش شروع ??ئي هئي پر ترڪيه ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا.
آمريڪي صدر سوئيڊن جي نيٽو ميمبرشپ جي مخالفت ختم ڪرڻ تي ترڪيه جي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب