رياض-25 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار جي قاتل کي ڏنل موت جي سزا تي عمل ڪندي ان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب سعودي ج?? گهرو وزارت اوڀر گورنري ۾ سارجنٽ سليمان بن ابراهيم بن احمد السميري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار جي سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ جوابد??ر هڪ معصوم ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري پنهنج?? گهر رکيو هو، اطلاع ملڻ تي جڏهن پوليس ڇاپو هنيو ته جوابدار فائرنگ ڪري هڪ پ??ليس اهلڪار کي شهيد ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي. عدالت ان کي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن تي گذر??ل ڏينهن عمل ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن