رياض -23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان گادي واري شهر رياض ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول سان ملاقات ڪري ڪيترن ئي مع??هدن تي صحيحيون ڪيون آهن. سعودي خابرو اداري مطابق ڪوريا جي صدر لاءِ باضابطا سرڪاري استقبال واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ گارڊ آف آنر جو مع??ئنو ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بعد ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪوريا جي صدر باضابطا ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفن مع??هدن ۽ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو جائزو ۽ دستياب وسيلن جي ان قسم جي سيڙپڪاري جي موقعن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان ک??ن علاوه علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ لاڳاپيل مع??ملن ک??ن علاوه گڏيل مفادن ۽ ان حوالي سان گڏيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو ويو.
سعودي ولي عهد سان ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي ملاقات، ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات