طرابلس – 11 مارچ (اي پي پي) ليبيا لاءِ گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خاص نمائندي عبدولي باٿيلي ملڪ جي سياسي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ گ??يل حڪومت جوڙڻ تي زور ڏنو. هن ليبيا جي وزيراعظم عبدالحميد دبيبه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن ليبيا جي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ گ??يل حل ذريعي سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سماجي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ٽوئٽ ۾ چيو ته مون موجوده سياسي بحران ۽ ان جي عام ليبيائي شهرين جي سلامتي ۽ ??عا??ي صورتحال تي اثرن جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ليبيائي اڳواڻن کي چيلنج جو مقابلو ڪرڻ ۽ ملڪ کي چونڊن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ هڪ گ??يل حڪومت تي متفق ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ليبيا جي پارٽين وچ ۾ چونڊ قانونن تي اختلاف سبب ليبيا ڊ??مب?? 2021 ۾ شيڊول مطابق عام چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.
گڏيل قومن جو ليبيا ۾ موجوده سياسي بحران تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ