اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ميڊيا جي نمائندن جي حقن جو تحفظ به رياست جي ذميواري آهي، اميد آهي ته ميڊيا غيرجانبدراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات وارو سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر موجود هئا. وفد ۾ چيئرپرسن پاڪست??ن براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن شڪيل مسعود، سيڪريٽري جنرل پي بي اي ميان عامر محمود، سينيئر وائيس چيئرمين مير ابراهيم رحمان ۽ طاهر خان شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ميڊيا خ??ص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مسئلن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم کي اشتهارن جي ڏس ۾ حڪومت پاران رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي مسئلي جي حوالي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي جو يقين ڏياريو ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت کي ان مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم ميڊيا جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آ??ي ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي حقن جو تحفظ به رياست جي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا جي موثر ۽ ٺوس رابطي سان عوام حڪومتي پاليسين ۽ قدمن ک??ن باخبر رهي سگهي ٿي ۽ گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ??ي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ميڊيا غيرجانبدراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. نگران وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت جي ميديا جي ذريعي آگاهي وڌائڻ تي زور ڏنو. نگران وزراعظم چيو ته ڊالر جي قدر ۾ تازي گهٽتائي، اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي ??دا??ڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي.
گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪندي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ