بغداد_04 آڪٽوبر(اي پي پي) عراق جي ش??ر الحمدانيه جي شادي هال ۾ لڳال باهه سبب فوتگين جو ??نگ وڌي 119 ٿي ويو آهي، باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ڪنوار جو پيءُ پڻ گذريل ڏينهن زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا رپورٽن موجب عراق جي صحت کاتي چيو آهي ته الحمدانيه ۾ باه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويلن جو ??عداد 119 تائين پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب شادي هال ۾ باه لڳڻ جي صورت ۾ ان کان ??چڻ لاءِ جوڳا ا??تظام نه هئا جنهن جي ڪري تمام گه??و نقصان ٿيو، عراق جي گهرو وزير عبدالامير الشمري جو چوڻ آهي ته شادي هال جي مالڪ اهڙي جاءِ تي جيڪا وڌ کان وڌ 400 ماڻهن لاءِ مختص هئي ۾ 900 ماڻهن کي داخل ڪيو، شادي هال کان نڪرڻ لاءِ ايمرجنسي گيٽ نه هو، جڏهن ته تحقيق کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هال جي ڇت ۾ تيزي سان ??اه کي ڦهلائڻ وارو مواد شامل هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی