اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن، اين ايف سي ايوارڊ جو آئين جي مطابق هر پنجن سالن کانپوءِ اعلان ضر??ري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پارلياماني سال جي پڄاڻي تي م??عقد هڪ سيمينار کي خ??اب ڪندي ڪيو. سيمينار جو عنوان ”وفاقيت جي مضبوطي لاءِ سينيٽ جي اختيارن ۾ اضافو“ هو، هن چيو ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن ۽ صوبن جي حقن جي بهتر تحفظ جي لاءِ لازمي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ووٽ برابر هجن. هن چيو ته سينيٽ مضبو?? هوندو ته صوبا به مضبو?? هوندا ۽ ڌرين جي آئيني حقن کي تحفظ ملندو.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina