اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ب??گم محموده ممنون حسين چيو آهي ته سٺي ??خلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو، دين اسلام اخلاق تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏيندو آهي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اسڪول جي شاگردياڻين سان ڳالهائيندي چئي. اخلاقي تربيت جو هي سلسلو گذريل ڪافي عرصي کان جاري آهي ته جيئن ڇوڪرين جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي اخلاقي تربيت تي به ڌيان ڏئي سگهجي. ب??گم محموده ممنون حسين چيو ته اخلاق حسنه صرف اهو ئي ناهي ته ماڻهن سان سٺي ??ريقي سان مليو وڃي پر انهن سمورن معاملن کا??سو??ءِ سٺي ??خلاق ۾ اڃان به گهڻيون شيون شامل آهن جهڙوڪ ايمان، درست عقيده، توحيد ۽ نماز روزي جي پابندي، نيڪ عمل، سٺين عادتن، ماڻهن جي معاملن ۾ سچائي، ننڍڙن سان شفقت ۽ محبت ۽ وڏن جو ادب ۽ احترام، والدين جي خدمت، انهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ، پ??ڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ، عزيز، رشتي??ار??، دوستن سان سٺو سلوڪ، ماڻهن جي معاملن ۾ عدل ۽ انصاف، آخرت جي فڪر، قرآن مجيد جي تلاوت، اسلام جي رڪن جي پابندي، حقوق العباد جي ادائيگي ۽ بي ايماني ۽ ناانصافي، حرام جي ڪمائي، بيواهه ۽ يتيم جو مال کائڻ کان پري رهڻ وغيره سڀ شيون سٺي ??خلاق ۾ شامل آهن.
سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو: بيگم محموده ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی