راولپنڊي – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، آپريشنل تيارين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته قوم جي حمايت ۽ هڪ جهڙي قوم سوچ ذريعي ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺنداسين، حڪومت ??اڪ فوج جي صلاحيت ۽ سگهه کي ??رق??ار رکڻ جي لاءِ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه دفاع، پرڏيهي معاملن، ناڻي، اطلاعات وارن وفاقي وزيرن، گهرو معاملن جي مملڪتي وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي دوري جي موقعي تي چئي. ??اڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جي ايڇ ڪيو اچڻ تي وزيراعظم کي فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر