اسلام ??با?? – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ م??يش?? جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ ت?? ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگار جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته نجي شعبو روزگار جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نجي شعبو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن اسان جي م??يش?? مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف م??يش?? کي استحڪام ڏيڻ آهي. م??يش?? جي استحڪام لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن جي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گذريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری