اسلام آباد – 20 –; مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جاري اسر??ئي??ي جارحيت ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ فلسطين ۾ جاري اسر??ئي??ي جارحيت ۽ ظلم بربريت جي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس ت??ئي?? ڪيو ويندو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي ويندي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي اسر??ئي??ي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فلسطين ۾ اسر??ئي??ي جارحيت جو فوري نوٽيس وٺي ۽ جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.
وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ