اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابرا عواڻ چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪر?? لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي، اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪر?? لاءِ عوامي سطح تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت گڏجي قدم کڻي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ اي ايم وي ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته 1970ع کان ٿيندڙ هر چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، ان حوالي سان اسان کي هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چ??و ته مخالف ڌر پارٽين کي چونڊ سڌارن تي اسان سان ڳالهائڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي وي ايم ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان ٽيڪنالاجي سان چ??نڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اجلا?? کي ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل شرطن تي پورو لهن ٿيون، انهن مشينن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به دستياب هوندو، هن چ??و ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هن اجلا?? کي ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ بابت عوامي راءِ هموار ڪر?? لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي سان موجوده حڪومت تاريخي قدم کنيا آهن، اي وي ايم ٽيڪنالاجي چونڊن ۾ شفافيت طرف هڪ اهم قدم آهي، هن چ??و ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي حوالي سان مع??مل?? بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ چونڊن خاص طور تي 2018ع جي ع??م چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران لڳايل اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن لاءِ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ، سال 2000ع کان وٺي هيستائين چ??نڊن تي ٿيندڙ خرچن، ضمني چونڊن ۾ مخالف ڌر جي اعتراضن، اي وي ايم جي حوالي سان شفافيت کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو پيڪيج تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس ۾ اطلاعات واري وزات ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت پاران اي وي ايم جي شفافيت بابت شروع ڪيل ميڊيا مهم جي حوالي سان به مع??مل?? غور هيٺ آيا. اجلا?? کي اي وي ايم بابت اهم نقطن ۽ ان بابت خدشا ختم ڪرڻ، مالياتي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جي تفصيلي تعارف جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي: چوڌري فواد حسين/ ڊاڪٽر بابر اعواڻ
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II