اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ 300 سيڪڙو اضافي سان گڏ پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ بڻجي ويو آهي جتي مينگروز ٻيلن جي سڀ کان وڌيڪ تيزي سان واڌ ويجهه ٿي رهي آهي، ان جي حفاظت ۽ واڌ ويجهه لاءِ وڏي انگ ۾ اتان جي پراڻن مقامي ماڻهن جي لاءِ گرين نوڪرين جا موقعا به ملي رهيا آهن. مينگروز جي پيداوار بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مينگروز ساحل جا قدرتي نگهبان آهن جيڪي سائيڪلون ۽ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي کان حفاظت سميت ڪيترائي فائدا فراهم ڪندا آهن. مينگروز ۾ بهترين ڪاربان سنڪ به آهي جيڪا عام ٻيلن جي ڪاربان کي چنئوڻ تي ذخيرو ڪندا آهن، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ?? مينگروز جي پيداوار جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، گذريل 10 سالن ۾ مينگروز جي پيداوار ۾ 300 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، بلوچستان مينگروز ۾ به تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي 12 هزار ايڪڙ اضافي مينگروز پوکيا پيا وڃن، هن چيو ته انهن مينگروز ۾ ذخيرو ڪيل بليو ڪاربن به ڪافي آهي ۽ ان جي قيمت 2.5 بلين روپيا آهي جنهن کي بليو بانڊ جي ذريعي سرمايو بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ان تي ڪم ڪري رهيو آهي، منيگروز جو تحفظ ۽ توسيع مقامي برادرين ۽ مقامي ماڻهن کي گرين روزگار فراهم ڪري رهي آهي ۽ جيڪي ان ساحلي علائقن ۾ رهن ٿا، اڄ مقامي ماڻهن جو عالمي ڏينهن به آهي، وزيراعظم جي مياڻ?? ۾ ??وجودگي انهن ڪوششن جو اعتراف آهي.
پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ بڻجي ويو آهي جتي مينگروز ٻيلن جي سڀ کان وڌيڪ تيزي سان واڌ ويجهه ٿي رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان