اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کا??پوءِ سنڌ ۾ سڀ کا?? وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس سبب 95 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 221 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کا?? بهاولپور ۾ 48 ??يڪ??و، پشاور ۾ 44 ??يڪ??و، ملتان 45 ??يڪ??و ۽ اسلام آباد ۾ 48 ??يڪ??و مريض آهن.
اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کا?? ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 58 ??يڪ??و، گجرانوالا ۾ 57 ??يڪ??و ۽ سوات ۾ 45 ??يڪ??و مريض آ??ن. ??ذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪوويڊ – 19 جا 87 هزار 423 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 695، پنجاب ۾ 20 هزار 496، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 9، اسلام آباد ۾ 3 هزار 966، بلوچستان ۾ 456، گلگت بلتستان ۾ 676، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن.
هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 93 هزار 304 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 492 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 87 هزار 423 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کا?? متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 5 هزار 300 آهي.