برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغ??نستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري ??فغ??ن عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪر?? جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ?? نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل معاملن، ??فغ??نستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ??فغ??نستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ??فغ??نستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري ??فغ??ن عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪر?? جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وزير ??فغ??نستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلا?? جي خطري کي روڪڻ، ??فغ??نستان کي هڪ ڀيرو ٻيه?? دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائ?? جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران طرف ڇڪرائ?? جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ ??فغ??نستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دوران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.
افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ