استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي ف??وغ جي ذريعي انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر استنبول ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آءِ سي) جي 16 هين ??جلاس جي موقعي تي قطر جي ڊپٽي اسپيڪر سان ٿيندڙ سائيڊ لائين گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ٻنه?? ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن جي ف??وغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنه?? ملڪن جا پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن جي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين ??عبن ۾ گڏيل تعاون کي ف??وغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا قطر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ بهرين ??دمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. قطر جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ قطر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي ف??وغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي ف??وغ ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کانسواءِ سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني سفير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.
پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی