اسلام آباد – 10 ج??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي اقليتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي حڪ??ران پارٽي بي جي پي جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا جنهن تي مودي حڪ??مت عمل پيرا آهي، سان خطي جي امن کي حقيقي خطرو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارتيه جنتا پارٽي جي انتهاپسنداڻي نظرين تي عمل پيرا مودي حڪ??مت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي اقليتن کي هروڀرو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ کين انهن ڪارروائين تي سزا کان ڇوٽ حاصل آهي، مودي حڪ??مت جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا اسان جي خطي ۾ امن لاءِ حقيقي خطرو آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي 20 ڪروڙ مسلمانن جي نسل ڪشي جي حوالي سان ڊسمبر ۾ هڪ انتهاپسند هندو توا ڪانفرنس ۾ ڪيل اپيل تي مودي حڪ??مت جي مسلسل خاموشي ان سوال کي جنم ڏي ٿي ته ڇا بي جي پي حڪ??مت ان اپيل جي حمايت ڪري ٿي؟ وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ان معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري.
ڀارت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي اقليتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ