اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ??ميد ظاهر ڪئي آهي ته يوڪرين جي عوام موجوده بحران مان جلد نڪرندي، پاڪستان يوڪرين ۾ جاري جنگ جي حوالي سان شديد خدشا رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين کي امدادي سامان موڪلڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم آهن، جنگ جي ڪري يوڪرين ۾ وڏي انگ ۾ شهري بي گهر ٿي چڪا آهن، يوڪرين جي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير چيو ته امدادي سامان يوڪرين جي عوام س??ن پاڪستان جو يڪجهتي جو اظهار آهي. ان موقعي تي يوڪرين جي سفير چيو ته يوڪرين جي عوام کي هن وقت جنگ درپيش آهي، مشڪل وقت ۾ مدد تي پاڪستان جا ٿورائتا ??هيون. هن چيو ته پاڪستان پاران امدادي سامان جي ٻي کيپ يوڪرين موڪلي پئي وڃي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان