ٽانڪ – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف زور ڏنو آهي ته ٻوڏ کان مت??ثر علائقن ۾ فوري بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت مت??ثرين کي ڏيندڙ معاوضي ۾ اضافو ڪري، خيبرپختونخواهه ۾ ٻي پارٽي جي حڪومت هجڻ جي باوجود صوبائي حڪومتن سان گڏجي مت??ثرين سان خدمت ڪري رهيا آهيون، ان مسئلي تي اسان جي وچ ۾ ڪو اختلاف نه آهي، هي سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي، ان تي ڪا به سياست نه ٿيندي. وزيراعظم ??هباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ مت??ثر علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ٽانڪ جي ڊپٽي ڪمشنر حميدالله خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته فيلڊ ريليف ڪئمپ ۾ خوراڪ جي فراهمي، صاف پيئڻ جي پاڻي کانسواءِ عارضي ڇتن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته امدادي ڪمن ۾ ايف سي، پاڪ فوج، ريسڪيو 1122 ۽ پوليس حصو ورتو. ٽانڪ ۽ ڊي آئي خان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهر ۽ فصل تباهه ٿيا، چوپالي مال کي نقصان پهتو آهي، مت??ثرين جي لاءِ 3 ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون، اماخيل ۾ مت??ثرين جي لاءِ هڪ عارضي رهائشي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ٻوڏ مت??ثرين کي کاڌو ڏنو پيو وڃي، ان ڊويزن ۾ برساتن سبب 293 گهر مت??ثر ٿيا، 1720 ايڪڙ زرعي زمين مت??ثر ٿي، 143 گهر تباهه ٿيا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضلعي ٽانڪ ۾ 11 هزار گهرن کي نقصان پهتو، 2 فوتگيون ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿيا. ان موقعي تي پي ڊي ايم اي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيندي چيو ته و??يراعظم کي اسان گذارش ڪئي ته هو انهن ڏورانهن مت??ثر علائقن جو دورو ڪري. اڄ هن هتان جو دورو ڪيو آهي جنهن تي سان سندس ٿورائتا آهيون. وزيراعظم ٻوڏ کان مت??ثر ماڻهن جي لاءِ قائم ٽينٽ بستين جو به دورو ڪيو. هن مت??ثر خاندانن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻارن سان شفقت جو اظهار ڪيو. هن مت??ثرين کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي ٻئي حڪومتون انهن جي فوري بحالي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم ??ن موقعي تي ٻوڏ سبب مت??ثر بزرگن سان ڳلي مليو. مت??ثرين ڏکويل اکين سان همدرديءَ تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو پهريون وزيراعظم ??هي جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ آهي. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسد محمود ۽ وزيراعظم ??ي صلاحڪار انجنيئر امير مقام کانسواءِ ٻيا اعليٰ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ مت??ثرين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس دوري جو پروگرام ٽي ڀيرا بڻيو پر خراب موسم سبب اهو دورو ممڪن نه ٿي سگهيو، اڄ حاضر ٿيو آهيان. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي مت??ثرين جي بحالي ۽ ريليف جو پروگرام جاري رهندو. ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي مالي امداد ڏني ويندي. جيتوڻيڪ اها امداد انهن جي ڏکن جو ازالو نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته جنهن جي جگر جو ٽڪرو وڇڙي وڃي ان جي لاءِ سڄي عمر جو روڳ بڻجي ويندو آهي پر الله جي منشا تي راضي ٿي زندگي صبر ۽ شڪر ??ان گذارڻي پوندي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي لاءِ 10 لک رپيا في ماڻهو پونئيرن کي ادا ڪري رهي آهي. هتي صوبي ۾ 8 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، جيڪي اڳ ۾ 3 لک رپيا هئا، مون خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي چيو ته هو ان کي وڌائي 10 لک رپيا ڪري، 10 لک وفاق ۽ 10 لک صوبي جي پونئيرن کي ملڻ سان مشڪلاتن جو ڪجهه ازالو ٿيندو. هن چيو ته زخمين کي وفاق 25 هزار رپين بدران اڍائي لک رپيا ڏئي رهيو آهي. مڪمل تباهه گهرن تي 5 لک جڏهن ته جزوي نقصان تي 2 لک رپيا ادا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته فصلن جي نقصان تي صوبائي حڪومتون سروي ڪري رهيون آهن. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان تي گڏيل سروي ڪري. وزيراعظم ??ن موقعي تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ وزيرن پاران مت??ثرين جي بحالي ۽ فوري ريليف يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته فوجين جي فيلڊ فارميشن هر جڳهه تي موجود آهي، اهي ان ۾ تعاون ڪن، جنهن تي آرمي چيف چيو ته اها قومي ذميواري آهي، ان ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته معاوضي جي ادائيگي ۾ ڪنهن جو حق نه ماريو ويندو، يقيني بڻائينداسين ته قوم جا وسيلا ضايع نه ٿين، حقدار کي حق ملي. وزيراعظم چيو ته اڄ ان حوالي سان اجلاس رکيو هو، جيتوڻيڪ ان کي ٻوڏ کان مت??ثر علائقن جي دوري سبب ٻن ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو آهي. هن چيو ته صوبن ۾ روڊن، پلين سميت انفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصان جي جلد سروي ڪئي ويندي، ان ۾ دير نه ٿيندي. هن اين ايڇ اي جي چيئرمين جي ڪم کي ساراهيندي چيو ته اهڙا فرض شناس آفيسر موجود آهن جيڪي دين، دنيا ٻئي ڪمائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان صوبائي حڪومتن سان گڏجي مت??ثرين جي خدمت ڪري رهيا آهيون. صوبائي حڪومت سان گڏجي مت??ثرين جي فوري بحالي چاهيون ٿا. خيبرپختونخواهه ۾ ٻي پارٽي جي حڪومت آهي، جيتوڻيڪ ٻوڏ مت??ثرين جي حوالي سان ڪو به اختلاف نه آهي. هي پاڪستان جو معاملو آهي، عوام ۽ ٻارن جو معاملو آهي، ان تي ڪا به سياست نه ٿيندي، اسان عوام جا خادم بڻجي آخري مت??ثر ماڻهو کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ تائين خدمت جو سفر جاري رکنداسين.
ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ فوري بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ