اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي انفراسٽرڪچر جي تعمير جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبد??لي?? جي اثرن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، تازو ئي ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اليڪٽرڪ ??سز جي شموليت، اليڪٽرڪ وهيڪل جي صنعت ۽ معاون انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ تجديد جي قابل جي توانائي جي ذريعن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اليڪٽرڪ ??سز جي شموليت جي حوالي س??ن تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي سڄي دنيا ۾ موجود اليڪٽرڪ ??سز ۽ گاڏين جي صنعت ۽ پاڪستان ۾ ان صنعت جي تعمير جي حوالي س??ن تفصيلي طور تي آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبد??لي?? جي اثرن جو خميازو ڀوڳي رهيو آهي. حڪومت موسمياتي تبد??لي?? ۾ ڪارگر عنصرن کي روڪڻ کي پنهنجي اولين ترجيح ۾ شامل ڪري رهي آهي، حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾و سيع پئماني تي انفراسٽرڪچر جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته مون تازو ئي ملڪ م 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، حڪومت پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، منصوبي س??ن نه رڳو ماحولياتي آلودگي گهٽ ٿيندي، گهٽ اگهن تي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي پر مهانگي ٻارڻ جي درآمد گهٽ ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻي کي بچائي سگهبو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ ??سز ۽ گاڏين جي لاءِ صنعت ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير سان نه رڳو پاڪستان جي درآمدي بل ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ايندي پر ان صنعت جي تعمير سان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي س??ن ٺوس پلان جلد پيش ڪرڻ ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، پاور منسٽري ۽ سيڙپڪاري بورڊ کي ان شعبي ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria