واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پا??ستان جي سفير مسعود خان لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پا??ي جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پا??ي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ وارو پا??ي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پا??ي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پا??ستان کي عالمي برادري جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو ٻوڏ متاثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پو??و ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پا??ستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻوڏ جي پا??ي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن کي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پا??ستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين کي به ساراهيو. پا??ستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻوڏ متاثرن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پا??ستاني آمريڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.
لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش