اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسو جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي، ڀارت کي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني ??قن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي غيرضروري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪيو آهي، بدقسمتي سان ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه جي ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ ۽ 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي چيئر جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جو غيرمستقل ميمبر طور غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نه ڏ??ي وئي آهي ڇو ته اهو اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ اتي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جاري اهي. عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري رکندي گذريل هفتي ڀارتي قابض فوج والاريل ??شم??ر جي اسلام آباد ۽ شوپيان ضلعن ۾ ٻن ??شم??ري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ سهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي قابض فوج به بيگناهه نوجوانن کي پنهنجي حراست ۾ وٺي قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اها صورتحال پاڪستان جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان چيو ته اسان کي ??شم??ري سياسي قيدين بشمول حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ انساني ??قن جي محافظن بابت پڻ گهري ڳڻتي آهي. اهو ضروري اهي ته انهن جي ??قن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ انهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ سميت انساني ??قن جي 12 عالمي تنظيمن گڏيل طور تي انساني ??قن جي اڳواڻ خرم پرويز جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني ??قن جون پنهنجون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بند ڪرڻ گهرجن، 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي منسوخ ۽ ??شم??ري حريت اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي.
ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا