اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسي نيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني بنائڻ ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال تي جائزه اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. اج??اس کي خطي سميت پوري دنيا ۽ پاڪستان ۾ هن وقت ڪوويڊ 19 جي صورتحال، ڪورونا وائرس جي نئين قسم، ان جي روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ويڪسي نيشن جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزير??عظ?? چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسي نيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ جي نظام جي ٿرڊ پارٽي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽ پيش ڪئي ??ڃي. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 15 هفتن ۾ ڪوويڊ 19 سان هڪ به فوتگي نه ٿيڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. مون سميت پوري قوم ويڪسين عطيو ڪندڙ ملڪن جي ٿورائتي آهي. ڪوويڊ 19 انفيڪشن جي گهٽ شرح خوش آئنده آهي پر اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن??ڙ سمورن عهديدارن ۽ اين سي او سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم سان پاڪستان کي ظاهري طور ڪو خطرو نه آهي ڇو ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي ۽ 95 سيڪڙو آبادي جزوي طور تي ويڪسينيٽيڊ آهي. 5 کان 12 سالن جي ٽن ڪروڙ 50 لک ٻارن ۾ ويڪسي نيشن جي شرح 25 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان کي ايندڙ مهينن ۾ 100 سيڪڙو ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ انفيڪشن جي سراسري شرح 0.2 کان 05. سيڪڙو آهي ۽ گذريل 15 هفتن کان ڪوويڊ 19 سان ڪا فوتگي ناهي ٿي. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سرحدي رستن تي موثر انتظام ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ هوائي اڏن تي رينڊم سيمپلنگ جي شرح وڌائي 2 سيڪڙو ڪئي ??ئي آهي ۽ متاثر ملڪن کان ايندڙ هوائي جهازن جي فيوميگيشن سان گڏوگڏ مسافرن جي اسڪريننگ به وڌيڪ موثر بڻائي ??ئي آهي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن ۽ وزير??عظ?? جي خصوصي ڌيان جي ڪري پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جنهن ۾ جينوم سرويلنس يقيني بڻائي ??ئي آهي جنهن جي ڪري تمام جلد وائرس جي نئين قسم جي نشاندهي ممڪن ٿئي ??ي. وزير??عظ?? نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت، اين سي او سي عملدارن ۽ سول ايوي ايشن عملدارن کي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي قدمن کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، ملڪ جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز