اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) خميس ڏينهن ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ جو اجراءَ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي ڏس ۾ جاري ڪئي پئي وڃي. ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ وزيراعظم جي ويزن تحت پ??ڪستان جي عوام کي پاڪستان جي آئين کان روشناس ڪرائڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۾ هر شهري جي مدد ڪندي. وزيراعظم جي ويزن تحت پ??ڪستان جي آئين تائين هر خ??ص ۽ عام جي پهچ ۽ ان جي تعليم عام ڪرڻ جو هي تاريخي قدم ڪانسٽيٽيوشن موبائيل ايپ اطلاعات واري و??ير جي قيادت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پ??ران تيار ڪئي وئي آهي. ان موبائيل ايپ جي تياري ۾ نادرا پڻ تعاون ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون