اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير معدنياتي منصوبن کي عوام جي ترقيءَ جو رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته اه?? اس??ن جي معاشرتي ذميواري آهي ته اس??ن گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. اس??ن جي ملڪ ۾ موجود کاڻين جا وسيع موقعا آهن جيڪي گڏيل ڪاوشن سان عمل ۾ آندا ويندا. اهڙو اظهار هن پاڪستان منرل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چيو ته حڪومتِ پاڪستان سڀني ادارن سان گڏجي ايس آءِ ايف سي جي قيام کي يقيني بنايو، تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽي ٽيشن ڪائونسل جو قيام سڀني شراڪتدارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿو. هن چيو ته ٿورو پنهنجي ملڪ تي نظر وِجهون، برف سان ڍڪيل جبلن کان ريگستان تائين، سامونڊي پٽيءَ کان ميداني علائقن تائين ان سرزمين ۾ ڇا ڪجهه ناهي، امن ۽ خوشحاليءَ جي رستي تي گامزن رهڻ ئي اس??قامت ۾ آهي. سورة رحمان ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين رحمتن کي جٽلائيندا، جيڪڏهن اس??ن جو هي گڏيل عزم رهيو ته پوءِ آسمان جون بلنديون اس??ن جي حد ۽ ان جون وسعتون اس??ن جون منتظر آهن. آرمي چيف قرآن پاڪ جو حوالو ڏئي واضح ڪيو ته الله تعاليٰ انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي پاڻ مدد ڪندا آهن. آرمي چيف بريڪ گولڊ جي سي اي او ۽ پريزيڊنٽ مارڪ بريسٽو ۽ سعودي مائينگ منسٽر انجنيئر خالد بن صالح المديفر ۽ ٻين سيڙپڪارن جو شڪريو ادا ڪيو. آرمي چيف چيو ته اه?? اس??ن جي معاشرتي ذميواري آهي ته اس??ن گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، اس??ن کي ڪڏهن به اميد جو ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي. اس??ن جي سرزمين ڪيتري ئي معدنيات سان ڀريل آهي ۽ ان صلاحيت کي مڪمل طريقي سان اس??عمال ۾ آڻڻ لاءِ اس??ن پرڏيهي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته پاڪستان ۾ لڪيل خزانن جي دريافت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين منرل سمٽ پاڪستان ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ آسان ڪاروبار جا نوان اصول واضح ڪري ٿي. اس??ن اهڙي سيڙپڪار دوست نظام کي يقيني بنائنينداسين جنهن ۾ آسان شرطن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي. آرمي چيف اميد ج?? دامن کي پڪڙي رکڻ ۽ الله تعاليٰ تي يقين ۽ ايمان رکڻ تي زور ڀريو ۽ قرآن پاڪ جي سورة بقره جي آيت 155 ۽ 156 جي تلاوت ڪئي جنهن جو ترجمو آهي: ۽ اس??ن ضرور توهان کي خوف ۽ بک ۽ جان ۽ مال جي ثمرن سان آزمائينداسين. ان تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته چون ٿا؛ بي شڪ اس??ن الله تعاليٰ طرفان آهيون ۽ اس??ن کي ان جي ئي طرف واپس وڃڻو آهي.
معدنيات منصوبا عوام جي ترقيءَ جو رستو آهن: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن