مظفر آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪاري ڏين??ن جي موقعي تي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ جمعي ڏينهن 27 آڪٽوبر تي ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس پارڪنگ ايرياز ويجهو سي ڊي او آفيس ۾ ٻنپهرن جو 10 وڳي احتجا??ي جلوس ٿيندو جنهن جو خاص مهمان آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق هوندو. احتجا??ي جلسي وزير، حريت اڳواڻ، سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا سرراهه، وڪيل، واپاري اڳواڻن کانسواءِ سمورن مڪتبه فڪر سان تعلق ر??ند?? نمائندا شرڪتڪ ندا. احتجا??ي جلسي کانپوءِ ريلي ٿيندي. ڪاري ڏين??ن جي مناسبت سان آزاد ڪشمير جي ٻين ضلعن جي هيڊڪوارٽر ۽ تعلقي هيڊڪوارٽرز تي پڻ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. اسلام آباد ۾ يو اين آفيس آڏو ڪشمير سينٽر راولپنڊي ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اهتمام هيٺ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. جنهن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرايو ويندو. ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل ڪاري ڏين??ن جون تقريبون منعقد ڪرڻ جا انتظام شروع ڪري ڇڏيا آهن. 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي جارحيت ڪندي قبضي جي لاءِ پنهنجي فوج لاٿي. ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪ??ري ڏينهن طور ملهائيندا آهن ته جيئن دنيا کي باور ڪرائي سگهجي ته ڪشميرين 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود ڀارت جي ڪ??مير تي غيرقانوني ۽ جبري فوجي قبضي کي قبول ناهي ڪيو ۽ نه ڪندا.
ڪاري ڏينهن جي موقعي تي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ احتجاجي جلوس جو خاص مهمان آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق هوندو
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی